اسڪردو – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت رڳو نعرن ۽ دعوائن تي نه پر عملي قدمن تي يقين رکي ٿي، اسان نه رڳو منصوبا شروع ڪريون ٿا پر انهن کي پڄاڻي تائين پهچايون ٿا، جمهوريت جي تسلسل ۽ حڪومتن جي مدي پور ٿيڻ سان ئي عوام جا م??ئلا حل ٿيندا، گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون ۽ ان مقصد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. اهڙن خيال?? جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي جي افتتاح ۽ گلگت اسڪردو روڊ تي ڪم جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ جي موقعي تي هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. گلگت بلتستا?? جو گورنر مير غضنفر علي، گلگت بلتستا?? جو وڏو وزير ح??فظ حفيظ الرحمان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر، مواصلات وارو وزير ح??فظ عبدالڪريم، مملڪتي وزير جنيد انوار چو??ري?? گلگت بلتستان ڪائونسل، گلگت بلتستان قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ علائقي جي اڳواڻ?? جو هڪ وڏو انگ موجود هو.
مسلم ليگ (ن) جي حڪومت نعرن نه پر عملي قدمن تي يقين رکي ٿي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن