اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار اي??دڙ مالي سال جي بجيٽ تي سينيٽ جون 75 تجويزون منظور ڪري ورتيون جڏهن ته ترقياتي بجيٽ جي حوالي سان 147 تجويزون غور لاءِ منصوبابندي ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏيون، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ تمام گهڻي گهٽتائي اي??دي، عام ماڻهو کي هڪجهڙي ترقي جا موقعا ملندا، في ڪس آمدني وڌندي جنهن سان زندگي جو معيار بلند ٿيندو ۽ خوشحالي اي??دي، سمورين سياسي پارٽين جي تعاون سان جيڪڏهن اسان گڏيل مشاورت سان هڪ ميثاق معيشت تي متفق ٿي وڃون ته اندرئين ۽ ٻاهرئين ملڪ مثبت پيغام پ??چندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ 18 -2017ع تي بحث سهيڙيندي هن چيو ته آئون انهن اسيمبلي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان جن مالي سال 18 -2017ع بابت بجيٽ تجويزن تي بحث ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ حڪومتي پاليسين ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيو.
ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي سينيٽ جون 75 تجويزون منظور
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا