اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دنيا جي سمورين ترقي يافته قومن پنهنجي ٻولي جي ذر??عي ترقي ڪئي آهي، ان مقصد جي لاءِ لاڳاپيل ادارا عالمي تجربن ما?? فائدو کڻي قومي ٻولي جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪن، ملڪ ۾ ڳالهائيجندڙ سمورين ٻ??لي?? جي اهميت اجاگر ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اردو جي فروغ جي لاءِ ايئر يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ بين لاقوامي مڪالمي ??ون سفارشون پيش ڪرڻ جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثه ڊويزن جو سيڪريٽري عامر حسن، قومي ٻولي جي فروغ واري اداري جو چيئرمين افتخار عارف، ايئر يونيورسٽي جي سوشل سائنسز فيڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر وسيم شهزاد ۽ ٻيا به موجود هئا. صدر چيو ته اردو جي فروغ جي لاءِ لساني??ت جي جديد اصولن جي موجب تحقيق ۽ ترقي جو ڪم تمام گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهربو هو.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ