اسلام آباد – 27 جولاءِ (ا?? پي پي) صدر ممنون حسين آڊيٽر جنرل جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته وڌيڪ بهتر نتيجن لاءِ آڊٽ جي انتطام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ض??ورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان رانا اسد امين سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي آڊيٽر جنرل صدر کي پنهنجي سالياني رپورٽ پيش ڪئي، صدر چي?? ته سرڪاري شعبن ۾ فنڊن جي شفافيت ۽ احتساب جي منصفاڻي نظام جي لاءِ آڊٽ جي نظام ۾ بهتري ض??وري آهي، صدر آڊيٽر جنرل جي آفيس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چي?? ته هن اربي?? روپين جي وصولي ڪئي آهي جيڪا خوش آئنده آهي.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش