ڪوالالمپور-28 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته ملڪ جي 6 رياستن ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب 37 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته انهن ماڻهن جي رهائش لاءِ عارضي ڪيمپون قائم ??يو?? ويون آهن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏ??نه?? پارليامينٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٿائيلينڊ جي سرحد سان لاڳاپيل اتر اوڀر رياست ڪيلانٽن ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آ??ي جتي 9 هزار کان وڌيڪ ڪٽنب متاثر ٿيا آهن. هن ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي سمورن وفاقي ۽ رياستي ادارن کي ال??ٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي رهائش جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته هر سال آڪٽوبر کان مارچ تائين سانوڻي جي برساتن دوران ملائيشيا جي اوڀر طرف سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ٻوڏ اچڻ معمول جي ڳالهه آ??ي جتي هر سال هزارين ماڻهو بي گهر ٿيندا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب