لنڊن – 19 اپريل (اي پي پي) عا??مي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. برطانوي اداري رائٽرز مطابق جمعي تي اسرائيل طرفان ايران تي حملو ڪرڻ جو اطلاع سامهون اچڻ کانپوءِ عا??مي مارڪيٽ ۾ ڪ??ي تيل جي سپلاءِ ۾ تعطل اچڻ جي خدشن تحت عا??مي مارڪيٽ ۾ ڪ??ي تيل جا اگهه 4.2 سيڪڙو تائين ڪري پيا جڏهن ته بعد ۾ 2.4 سيڪڙو اضافي سان برينٽ آئل 2.63 ڊالر مهانگو ٿي ويو ۽ ان جي نئين قيمت 89.74 ڊالر في بيرل ٿي وئي. جڏهن ته آمريڪي ڪچو تيل ڊبليو ٽي آئي 2.56 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 84.66 ڊالر في بيرل ٿي ويو. انگن اکرن موجب ايران پيٽروليم جو ر??ان??ي واپار ڪندڙ ملڪن جي تنظيم جو ٽيون وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. ٻئي پاسي فاريڪس مارڪيٽ ??تاثر ٿيڻ سبب بٽ ڪوائن جي ماليت 6.2 گهٽجي 590، 59 ڊالر تي بند ٿي جيڪا ان کان پهرين 842، 61 ڊالر ٿي وئي. عا??مي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت ۾ 1.7 سيڪڙو اضافو ٿيو. سون جا اگهه 2417.59 ڊالر في اونس تي بند ٿيو.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ، بٽ ڪوائن ۽ سون پڻ متاثر
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis