ڪابل-19 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) چيو آهي ته افغانستان ۾ عور??ن جي حقن جي بحالي جو دارو مدار عالمي امداد تي آهي. يو اين ڊي پي جي جاري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آگسٽ 2021ع ۾ افغان حڪومت کانپوءِ سماجي ۽ اقتصادي حال??ن جي هڪ تاريڪ تصوير پيش ڪئي وئي آهي، ??ور??ن جي حقن جي تنزلي ۽ بئنڪنگ جو نظام تباهه ٿيڻ جي ويجهو آهي، ??نهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. افغان معيشت 2020ع کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 27 سيڪڙو گهٽجڻ جي عمل کان بحال ناهي ٿي ۽ ائين لڳي ٿو ته هي گهٽ سطح تي مستحڪم ٿي رهي آهي، ??نهن جو وڏو سبب بئنڪنگ سيڪٽر تي پابنديون، واپار ۾ رڪاوٽون، ڪمزور ۽ ڌار ڌار عوامي ادارا ۽ اٽڪل ڪ?? پرڏيهي سيڙپڪاري، ??راعت ۽ مينيوفيڪچرنگ جهڙن شعبن لاءِ ڊونر سپورٽ نه هجڻ گهرجي. سرڪاري اداري خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ عورت ملازمن سميت ٽيڪنيڪي مهارت۽ صلاحيتن کان محروم ٿي رهيا آهن، جنهن سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، ??يتوڻيڪ ڪجهه شعبن ۾ جن ۾ استحڪام ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ، آفيم جي پيداور ۽ غير ق??نوني واپار کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ??نهن هوندي به هي ملڪي رفتار کي تبديل ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي، ??پورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورتن کي نه رڳو عوامي هنڌن تائين محدود پهچ حاصل آهي پر هو هاڻي گهٽ کا??و به کائينديون آهن ۽ آمدني جي حوالي سان کين مردن جي ڀيٽ ۾ اڻبرابري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ??مورن شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عور??ن جو تناسب به ڊرامائي طور تي گهٽ ٿيو آهي، 2022ع 11 سيڪڙو کان هلندڙ سال صرف 6 سيڪڙو رهجي ويو آهي. رپورٽ ۾ سبسٽينس ان سيڪيورٽي انڊيڪس (ايس آءِ آءِ) به متعارف ڪرايو ويو آهي، ??يڪو محرومي جي پيمائش لاءِ ٽن رخن ۾ 17 غير مالياتي انگن جو استعمال ڪري ٿو، انڊيڪس موجب تقريبن 70 سيڪڙو افغان واسي خوراڪ، صحت جي سارسنڀال، روزگار ۽ ٻين روز مره جي ضرورتن لاءِ پنهنجو بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ کان قاصر آهن. افغانستان ۾ عالمي امداد اڻٽر رهي آهي جنهن لکين ماڻهن کي بک کا بچايو آهي، ??ن امداد معاشي تباهي کي روڪڻ به مدد ڪئي آهي، ملڪ ۾ يو اين ڊي پي جي نمائندي اسٽيفن روڊ ريڪس چيو ته امداد جو وهڪرو اهڙي وقت ۾ گهٽ ٿي رهيو آهي جڏهن آبادي جي هڪ وڏي اڪثريت انتهائي غير محفوظ آهي. هن چيو ته نجي شعبو، مالياتي نظام ۽ معيشت جي مجموعي پيداواري صلاحيت جي بحالي لاءِ مدد ۽ ڪوششن لاءِ تڪميلي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ بئنڪنگ سسٽم ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو آهي، مائيڪرو فنانس سيڪٽر سميت، عور??ن جي قيادت هيٺ مائيڪرو ۽ ننڍن ڪاروباري ادارن جي مدد لاءِ گهڻو اهم آهي جن ۾ 2021ع کان 60 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. يو اين ڊي پي چيو ته افغانستان ۾ بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن به ڪوشش ۾ عور??ن جي معاشي شرڪت کي سڀني کان اڳيان هجڻ گهرجي.
افغانستان ۾ عورتن جي حقن جي بحالي جو دارو مدار عالمي امداد تي آهي: يو اين ڊي پي
مضمون کا ماخذ : loteria estadual