ابوظھبي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات پاڪستان ۾ ڪراچي هوائي اڏي ويجھو روڊ تي ٿيل دھشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ ٻه چيني ش??ري فوت جڏھن ته ڪجهه بيگناھه ماڻھو زخمي ٿيا آھن. پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل عرب امارات جي پرڏيھي وزرات طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته گڏيل عرب امارات اهڙين مجرماڻين ڪارروائين جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام کي نقصا?? پھچائڻ جي مقصد جي ھر قسم جي تشدد ۽ دھشتگردي کي مستقل طور رد ڪري ٿو. عرب امارات جي پرڏيھي وزارت پاڪستاني حڪومت ۽ عوام، چين جي حڪومت ۽ عوام ۽ ان دھشتگردي واري واقعي ۾ فوت ٿيلن جي گھرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظھار ??يو ۽ سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada