گڏيل قومون-20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس نگورنو ڪاراباخ ۾ فوتگين جي اطلاع تي انته??ئي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پُرتشدد ڪاررواي??ن فوري طور تي بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. سيڪريٽري جنرل جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو ??هي ته سيڪريٽري جنرل کي خطي ۾ فوجي طاقت جي استعمال ۽ ??هر?? آبادي سميت فوتگين جي رپورٽن تي انته??ئي ڳڻتي آهي، سيڪريٽري جنرل ويڙهه جي فوري خاتمي، ڇڪتاڻ ۾ گهٽت??ئي ۽ 2020ع جي جنگ بندي جي معاهدي جي سختي سان پابندي جو مطالبو ڪريون ٿا. هن امدادي ادارن جي متاثر ماڻهن تائين فوري رس??ئي جو مطالبو به ڪيو ۽ چيو ??ه ڌريون اعتماد سازي ۽ خطي ۾ ڊگهي مدي واري امن جي قيام ۾ مدد لاءِ ڪوششون تي ٻيهر ڌيان ڏين. روسي ميڊيا جي ذريعن موجب روس ٻنهي ڌرين تي زور ڀريو ??هي ته هو رتوڇاڻ بند ڪري سياسي ۽ سفارتي حل جو رستو اختيار ڪن. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن آذربائيجان طرفان نگورنو ڪاراباخ جي آرميني??ئي آبادي واري صوبي خلاف جاري قدمن کي فوري روڪڻ جو مطالبو ڪيو ??هي ۽ يورپي يونين ۽ آمريڪا انهن قدمن جي مذمت ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران نگورنو ڪاراباخ ۾ فوتگين جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش