اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي چونڊيل نئين وزيراع??م ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ لٽيندڙن ۽ قرضي ڪندڙن جي سخت احتساب جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي اين آر او نه ??لن??و. قومي اسيمبلي ۾ قائدايوان چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ عمران خان چيو ته هو اڄ الله تعاليٰ ۽ پنهنجي قوم جو ٿورو ادا ڪري ٿو جنهن کيس ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ جو موقعو ڏنو جنهن جو قوم 70 سالن کان انتظار ڪري رهي هئي، هن چيو ته هو پنهنجي قوم سان واعدو ڪري ٿو ته هو اهڙي تبديلي آڻيندو ??نهن لاءِ هو سڪي رهي هئي، هن چيو ته هاڻي سڀ کان پهر??ن ملڪ ۾ سخت احتساب ڪرڻو آهي ۽ جنهن ماڻهن ملڪ کي ڦريو ۽ قرضي بڻايو انهن کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بي??اريو ويندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس