اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت اڳتي وڌي رهي آهي، جولاءِ ۾ عام چونڊون ٿينديون، چونڊن ۾ عوام پنهنجي راءِ ذريعي نئين حڪومت جو فيصلو ڪندي. ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي نارٿ بائونڊ ڪيرج وي جو افتتاح ڪندي وزيراعظم چيو ته کيس اڄ هن منصوبي جو افتتاح ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، لياري ايڪسپريس وي جو منصوب?? ڊگهي عرصي کان پڄاڻي ه??ٺ هو، اهو منصوبو مختلف مشڪلاتن ۽ مسئلن جو شڪار هو جن ۾ قبضا ۽ فني نوعيت جا مسئلا شامل هئا، بدقسمتي سا?? قبضا اهڙي طرح ڪيا وڃن ٿا جو انهن کي هٽائڻ مشڪل هوندو آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت، ڪراچي جي شهري حڪومت ۽ هاڻي ايف ڊبليو او جي مدد سا?? انهن مسئلن تي ضابطو آندو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado