اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ??دا??ت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 13 هون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ان کي عالمي ۽ علائ??ائ?? ڏس ۾ درپيش قومي سلامتي جي چئلينج?? ۽ ??طرن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا جي حوالي سان پاليسي کي به غور هيٺ آندو ويو. اجلاس ۾ دفاع واري وزير خرم دستگير خان، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير احسن اقبال، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، چيف آف آ??مي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان، قومي سلامتي ڪميٽي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه، آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ۽ سينئر سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر