اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪالهه تائين فيصلو هو ته جنهن ڏينهن ??پريم ڪورٽ جو فيصلو ايندو چاهي اهو حق ۾ ??چي يا مخالف ۾ ان ڏينهن وزارت ۽ اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي ڇڏيندس، پر دوستن جي ملاقات کانپوءِ فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو، آئون ڪنهن ??ان به ناراض نه آهيان منهنجي پارٽي ۽ قيادت تي ڏکيو وقت آهي، آئون ناراض ڇو ٿيندس. پنجاب هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته اڄ منهنجي زندگي ۾ مشڪل ترين پريس ڪانفرنس آهي. هن چيو ته آئون ڪنهن کان به ناراض نه آهيان منهنجي پارٽي ۽ قيادت تي ڏکيو وقت آهي آئون ڀلا ناراض ڇو ٿيندس مون سدائين پنهنجي ??ات کي هڪ طرف رکي پنهنجي زندگي مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف جي لاءِ داءُ تي لڳائي آهي آئون 33 سالن کان هر اجلاس ۾ موجود هوندو آهيان اوچتو ڏيڍ مهيني کان سينئر ترين مشاورت ۾ مون کي نه گهرايو ويو ان دوران قومي سلامتي ڪميٽي ۽ ڪابينا جا اجلاس ٿيا مون انهن ۾ شرڪت ڪئي.
دوستن سان ملاقات کانپوءِ پنهنجو فيصلو تبديل ڪيو آهي: چوڌري نثار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ