اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ترقي جي جنهن راهه تي گامزن آهي ان ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿي وجهي سگهجي، قومن جي زندگي ۾ پريشانيون اينديون رهنديون آهن ان لاءِ فڪر جي ڪا به ضرورت نه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سفارتڪارن جي مان ۾ ڏنل آجياڻ?? کي خطاب ڪندي ??يو جنهن جو اهتمام لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ ا??ڊسٽري ڪيو هو. ان موقعي تي فلسطين جي سفير، سفارتي ب??اد??ي جي نمائندن وليد ابو علي ۽ لاهور چيمبر جي صدر عبدالباسط پڻ خطاب ڪيو. سفيرن، سيڙپڪارن ۽ معزز مهمانن جي وڏي انگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته بدامني ۽ دهشتگرد?? کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن سان گڏ حڪومت اقتصادي بحالي جي ايجنڊا کي پڻ برابري جي اهميت ڏني آهي ۽ الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان اقتصادي ترقي جي هڪ سنهري دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ