راولپنڊي – 18 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپ??يشن ڪري رهي آهي، دهشتگردي خلاف موثر آپ??يشنن سبب هاڻي پاڪست??ن ۾ دهشتگردن جون ڪي محفوظ پناهگاهون نه آهن، اسان جديد تاري?? ۾ ??ه رڳو دهشتگردي جي بدترين يلغار جو مقابلو ڪيو پر اسان لهرن جو رخ موڙيو آهي. هو جي ايڇ ڪيو ۾ آءِ ايس پي آر ۽ ايڇ اي سي جي حصيدار?? سان انتهاپسندي کي رد ڪرڻ ۾ نوجوان نسل جي ڪردار جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هڪ قوم جي طور تي دهشتگردي جي لعنت جي خلاف بهادر?? سان مقابلو ڪيو، اسان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏئي دنيا جي لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي انهن ڪاميابين جو اعتراف پوري دنيا ڪري رهي آهي. هن چيو ته مون کي دنيا جي سڀ کان بهترين، بهادر ۽ پرعزم فوج جو سپهه سالار هجڻ تي فخر آهي، مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه آهي ته اسان جي فوج دنيا جي بهترين فوج آهي.
پاڪ فوج دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪري رهي آهي: آرمي چيف
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن