اسلام آ??اد – 02 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ?? فاٽا سڌارن بابت ڪميٽي جي سفارشن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته پاڪست??ن هر شهري جو آهي ۽ هر شهري کي ڪنهن امتياز کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جا هڪجهڙا موقعا حاصل ٿيڻ گهرجن. هن فاٽا جي عوام جي حب الوطني ۽ قومي جذبي جي ساراهيندي چيو ته ان جي تاريخ پاڪستان سان محبت جي مثالن سان ڀريل آهي، وزيراعظم چيو ??ه فاٽا جي عوام پاڪستان جي خودمختياري، سالميت ۽ دفاع جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ??ه فاٽا جي عوام کي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان جي محرومين جو خاتمو ڪيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی