اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير ??ريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف سدائين سهپ، صبر ۽ تحمل جي سياست ڪئي ۽ ڪلچر کي فروغ ڏنو آهي، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي قائم رکڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سياسي ڪلچر ۾ سهپ هجي. پارليامينٽ ها??وس جي ميڊيا گيلري ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) ۽ سينيئر صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. مريم اورنگزيب پارليامينٽ ها??وس ۾ قائم پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي آفيس جو پڻ دورو ڪيو. پي آر اي جي ??در صديق ساجد کانسواءِ ٻين عهديدارن ۽ سينيئر صحافين جو وڏو انگ ان موقعي تي موجود هو. مملڪتي وزير ??ريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون وزيراعظم جي ٿورائتي آهيان جنهن منهنجي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي مون ??ي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو عهدو ڏنو آهي.
وزيراعظم سدائين سهپ، صبر ۽ تحمل جي سياست ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش