باڪو – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان هم آهنگ تصورن جي ذريعي هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن، اسان سمجهون ٿا ته سمورن علائقائي ۽ عا??مي مسئلن کي عا??مي قانون جي فريم ورڪ تحت ڳالهين ۽ پرامن ذريعن سان حل ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي، وز??راعظم چيو ته هو ٻين جي کلي جارحيت باوجود پرامن پاڙيسري ۽ ترقي جي لاءِ امن جا ترجمان رهيا آهن تنهن هوندي به امن جي اصولن تي ڪاربند رهڻ جو غلط مطلب وٺندي ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ڄمون ۽ ڪشمير ۽ نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي هڪٻئي جي لاءِ حمايت، ويجهي افهام و تفهيم ۽ خيالن ۾ هم آهنگي جو ثبوت آهي. نگورنوڪاراباخ تي پاڪستان جي موقف جو ??رجاءُ ڪندي وز??راعظم نواز شريف والاريل آذري علائقن جي واپسي، آرمينين فوج جي نڪرڻ ۽ پناهگيرن جي واپسي جو ??طالبو ڪيو.
پاڪستان ۽ آذربائيجان هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado