گڏيل قومون-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي ڪالون??ئي??يشن جو بدترين مظهر قرار ڏيندي ڪشميري عوام جي امنگن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ زور ڀر??و آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جنرل اسيمبلي جي خاص سياسي ۽ ڊي ڪالون??ئي??يشن (فورٿ) ??مي??ي ۾ ڳالهائيندي چيو ته ??ڏيل قومون ۽ ان جا سمورا ميمبر ملڪ گڏيل قومن جي چارٽر جا پابند آهن ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي پرامن حل کي هٿي ڏين. هن چيو ته 1946ع کان هن وقت تائين 80 اڳوڻين ڪالونين آزادي حاصل ڪئي آهي، هن چيو ته هاڻي به ڪجهه قومون آهن جيڪي خوداراديت واري حق کان محروم آهن، انهن ۾ والاريل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جو عوام شامل آهي. ان نقطئه نظر کان هن وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ ٻه رياستي حل جي وڪالت ڪندي چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام خلاف نسل ڪشي جي جنگ ۽ لبنان خلاف اسرائيل جي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو. پاڪستاني سفير چيو ته اسرائيل جي قتل عام ۽ ڏاڍ سان فلسطيني عوام جي آزادي ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد کي ختم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اهڙي ريت غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڀارتي قبضو جديد دور جي ڪالون??ئي??يشن جو هڪ بدترين مظهر آهي. هن چيو ته ??شميري عوام جي خوداراديت واري حق کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ (1948) 47 ۽ ان کان پوءِ ڪيل ٺهرائن ۾ واضح طور تسليم ڪيو و??و آهي، جنهن ۾ چيو و??و آهي، ته ??ڏيل قومن جي آزاداڻي ۽ منصفاڻي راءِ شماري جي انتظام هيٺ ڄمون ڪشمير جي حتمي اختيار جو فيصلو ان جي عوام ذريعي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ان??ن ٺهرائن کي ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي قبول ڪ??و آهي. هن چيو ته ??ڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 25 تحت ٻئي ڌريون ان??ن ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرڻ جون پابند آهن. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير کي ضم ڪرڻ لاءِ هڪ طرفا ۽ غيرقانوني قدم کنيا آهن ۽ انهن قدمن کي ڀارتي اڳواڻن حتمي حل قرار ڏنو آهي. سفير منير اڪرم چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ (1957) 122 ۾ چيو و??و آهي ته پوري رياست يا ان جي ڪنهن به حصي جي مستقبل جي شڪل ۽ وابستگي جو تعين ڪرڻ لاءِ هڪ طرفا قدم رياست جو اختيار نه هوندا. هن چيو ته ان جي نتيجي ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت رفان ڪيل سمورا هڪ طرفا قدم نه رڳو غيرقانوني آهن پر ڪالعدم به آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته ??کڻ ايشيا ۾ جٽادار امن لاءِ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو حل ضروري آهي.
ڪشمير تي ڀارتي قبضو ڪالونائيزيشن جو بدترين مظهر آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا