بيجنگ-18 جنوري (اي پي پي) چين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. چين جي پرڏيهي وزارت جي تر??مان بريفنگ دوران چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻئي ڌُريون تحمل کان ڪم وٺنديون ۽ ڇِڪتاڻ کان بچنديون. جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان صورتحا?? کي معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻئي ڌُريون تحمل جو مظاهرو ڪنديون ۽ ڇِڪتاڻ کان بچنديون. تر??مان چيو ته چين هميشه ان ڳالهه تي يقين رکي ٿ?? ته ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي مقصدن ?? اصولن جي بنيادن تي پرکڻ گهرجي ۽ اسان سمجهون ٿا ته سمورين ڌُرين کي ٻين ملڪن کي آزادي، خودمختاري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ موجوده صورتحال تي تمام گهڻو ڌيان ڏئي رهيا آهيون. تر??مان چيو ته ايران ۽ پاڪستان ويجها پاڙيسري ملڪ ۽ اثر رسوخ رکندڙ ملڪ آهن.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: چين
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia