بيجنگ – 16 آڪٽوبر(اي پي پي) چين روس لاءِ برڪس جي سربراهي جي حمايت ڪري ڇڏي. اها ڳالهه چيني پرڏيهي وزير سومر ڏينهن پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاوروف سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. روسي خابرو اداري جي رپورٽ م??ابق چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو ته چين 2024ع ۾ برازيل، روس، ڀارت، چين، ڏکڻ آفريقا تي ٻڌ?? اڀريندڙ معيشتن تي ٻڌ?? گروپ برڪس جي سربراهه جي طور تي روس جي سرگرمين جي حمايت ڪري ٿو. گذريل آگسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ ٿيل برڪس سربراهي ??جل??س بعد 6 نئين ميمبرن برڪس ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ارجنٽائن، مصر، ايران، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب ۽ ايٿوپيا 2024ع ۾ ان گروپ ۾ ش??مل ٿيندا. واضح رهي ته روس روٽيشن اصول تحت ايندڙ سال برڪس جي چيئرمين شپ سنڀاليندو.
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria