رياض -10 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي، ته ??ندس ملڪ فلسطين جي عوام سان سندن حق حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ بيٺل آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران غزه ۾ فوجي ڇڪتاڻ، خطي جي سلامتي ۽ اس??حڪام تي ڳالهيون ڪيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ??عودي عرب فلسطين جي قوم جي امنگن ۽ مطالبن کي حاصل ڪرڻ ۽ هڪ منصفاڻي ۽ جامع امن تائين پهچڻ لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهي. ان کان اڳ هن مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان غزه ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد مصر جي صدر سان ڳالهائيندي فلسطيني ۽ اس??ائيلي ڌرين وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان سبب شهرين جي حياتين کي درپيش وڏن خط??ن ۽ خطي جي اس??حڪام لاءِ خط??ن تي ڳالهيون ڪيون. مصر جي صدارتي تر??مان چيو آهي، ته ??عودي عرب جي ولي عهد سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران هن نازڪ مرحلي تي تحمل کان ڪم وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. تر??مان وضاحت ڪئي ته مصر ۽ سعودي عرب وچ ۾ ايندڙ عرصي ۾ فلسطين مسئلي جي حوالي سان عربن جي ويزن جي تصديق لاءِ مشاور?? ۽ ??م آهنگي جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اهو ويزن ٻه رياستي حل تي ٻڌل هڪ جامع ۽ منصفاڻي حل کي حاصل ڪرڻ جي چوڌري گهمي ٿو جيڪو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب آهي.
فلسطين جي عوام طرفان حق حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهيون: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے