انقره -03 جولائي (اي پي پي ) سعودي عرب جي دفاع ??ار?? وزير شهزاده خالد بن سلمان انقره ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . اردو نيوز موجب انقره ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ سعودي ولي عهد ترڪيه جي صدر کي سعودي قيادت جو پيغام پهچايو ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي ناتن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن علاقائي ۽ عالمي صورتحال بابت ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان حوالي سان ڪ??ل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سعودي دفاع ??ار?? وزير جي آفيس جو ڊائريڪٽر جنرل هشام بن عبدالعزيز بن سيف ، ترڪيه جي دفاع ??ار?? وزير ياسر گلر، چيئر مين آف ڊيفينس انڊسٽريل اٿارٽي ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هيا. سعودي دفاع ??ار?? وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سعودي قيادت جي هدايت تي ترڪيه جي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي قيادت جو پيغام ترڪيه جي صدر تائ??ن پهچائڻ تي خوشي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ??سا?? ٻه طرفن ناتن جو جائزو ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ جي طريقن ۽ تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
سعودي دفاع واري وزير پاران ترڪيه جي صدر سان ملاقات، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا