رياض – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب ۽ ڀارت سپلاءِ چين، ماحول دوست گرين هائيڊروجن ۽ بجلي جي نظام ک?? مربوط ڪرڻ بابت سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪيون آهن. عرب خاب??و اداري مطابق سعودي توانائي واري وزير شهزاده عبدال??زي?? بن سلمان ۽ بجلي ۽ تجديد جوڳي توانائي بابت ڀارتي وزير راج ڪمار سنگهه مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪيون. ڌرين وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيون وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا ۾ موسمياتي ويڪ 2023 جي موقعي تي ڪيون ويون. موسمياتي ويڪ جو اهتمام سعودي عرب گڏيل قومن جي سهڪار سان گادي واري شهر رياض ۾ ڪيو هو. مفاهمتي يادداشت جو مقصد تجديد جوڳي توانائي ۽ گڏيل ماحول دوست گرين هائيڊروجن منصوبن، هنگامي حالتن ۽ انتهائي مصروف وقت ۾ بجلي جي ڏي وٺ ۽ بجلي جي نظام ک?? مربوط ڪرڻ جي سلسلي ۾ سهڪار جو جنرل فريم ورڪ تيار ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں