نيويارڪ -25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هي??اٽائيٽس جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي گروپ آف فرينڊز جي پينل ۾ 2023ع تائين هي??اٽائيٽس جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن جو گروپ اجلاس نيويارڪ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صحت جي عا??مي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي هدف مطابق 2030 تائين جگر جي مرض هي??اٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي هٿي وٺائڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ڪئي. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي صحت وارن وزيرن، نمائندن، ڊبليو ايڇ او جي عهديدار?? ۽ ??ڏيل قومن جي سفيرن شرڪت ڪئي. مسعود خان چيو ته پاڪستان هي??اٽائيٽس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ 2030 تائين ان جي خاتمي جي ڊبليو ايڇ او جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان جي ترجيحن ۾ نيشنل اسٽريتجڪ فريم ورڪ کي اپ ڊيٽ ڪرڻ، نگراني کي بهتر بڻائڻ، هي??اٽائيٽس بي جي خوراڪ جي ويڪسينيشن کي وڌائڻ، هي??اٽائيٽس سي وائرس (ايڇ سي وي) جي جاچ ۽ علاج جي سهولتن ۾ اضافو ۽ ڪميونٽي تي ٻڌل تنظيمن سان رابطا شامل آهي. انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان اسان 2030 تائين هي??اٽائيٽس جي خاتمي جي ويجهو ??هچي وينداسين. 2022ع ۾ نيشنل هي??اٽائيٽس ايليمينيشن پروفائل (اين ايڇ اي پي) نيشيٽو جي شروعات جي لاءِ عا??مي سطح تي هي??اٽائيٽس جي خاتمي لاءِ اتحاد جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان 2030 تائين هي??اٽائيٽس سبب متاثر لکين ماڻهن جي سڪريننگ ۽ لکن جو علاج ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هي??اٽائي??س خلاف جنگ ۾ عا??مي شراڪتدارن خاص ڪري گلوبل الائنس فار ويڪسينز اينڊ اميونائيزيشن (گاوي) جي اهم ڪردار کي ساراهي ٿو.
پاڪستان 2030 تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي مضبوط شراڪتداري قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک