اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڪستان وٽ بهترين موقعو آه??، حڪومت پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورين وفاقي ڌرين کي برابر موقعا فراهم ڪيا آهن، پاڪستان دهستگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 107 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس ۾ شريڪ سينيئر سول سرونٽس سان وزيراعظم هائوس ۾ ملا??ات دوران ڪيو. ملا??ات دوران وزيراعظم پاليسي سازي ۽ ان تي عملدرآمد ۾ سول سرونٽس جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته اهم معاملن تي توهان جي پيشيواراڻي راءِ ۽ ٽيڪن??ڪل معاملن تي رهنمائي سياسي قيادت جي لاءِ انتهائي اهميت واري آهي.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس