اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چ??و آهي ته قطر کان ايل اين جي جي درآمد جو معاهدو انتهائي شفاف طريقي سان ٿ??و آهي، معاهدي ۾ ڪا به شيءَ لڪائي ناهي وئي، اسان جو معاهدو 15 سال ۾ دنيا ۾ گهٽ ترين قيمت جو معاهدو آهي، پهرين اسان ڀاڻ درآمد ڪندا هئاسين، ايل اين جي جي ڪري اڄ اسان برآمد ڪري رهيا آهيون، اڄ پوري ملڪ ۾ هر شعبي کي سڄو سال گئس ميسر آهي، اڳوڻين حڪومتن به ايل اين جي درآمد ڪرڻ ج??ن ڪوشش??ن ڪيون پر ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ توانائي کي کوٽ کي پورو ڪرڻ جو واحد رستو گئس حاصل ڪرڻ هو، هن ??يو ته توانائي بحران جي خاتمي ۽ ايل اين جي جي لاءِ م??رف حڪومت سميت سمورين حڪومتن ??وشش??ن ڪيون پر انهن جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي ۽ ڪجهه به حاصل نه ٿيو.
ايل اين جي معاهدو انتهائي شفاف طريقي سان ٿيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ