ٽوڪيو -25 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ڏکڻ ڪوريا جي وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو ڪنهن مناسب وقت تي چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سالياني سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ جي ٻيهر شروعات جو ??رادو رکي ٿو. جاپاني خابرو اداري مطابق ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت جي هڪ اعليٰ سطحي عهديدار چيو ته صدر شي جن پنگ چيو ته ان جو ملڪ ٽه ڌري سربراه?? ملاقاتن جي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ڏکڻ ڪوريا جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. هي سربرا?? ملاقاتون چئن سالن کان معطل هيون. ڄاڻايل عهديدار چين جي صدر جي بيان جو ??والو ڏن?? آهي ته هڪ مناسب وقت تي سربراه?? ملاقات جي منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڏکڻ ڪوريا جي وزيراعظم چين جي صدر کي ٻڌايو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڏکڻ ڪوريا قدم کڻندو ته سربراه?? ملاقات فوري طور تي منعقد ٿي سگهي. اطلاعن مطابق هن چيو ته ان جو ملڪ ايندڙ ڏينهن ۾ ڏکڻ ڪوريا جي دارالحڪومت سيئول ۾ هڪ اعليٰ سطحي ٽه ڌري ملاقات جي ميزباني ڪندي شروعات ڪدو. هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا هلندڙ سال جي آخر تائين اعليٰ سطحي ڳالهيون منعقد ڪرڻ چاهي ٿو. ڏکڻ ڪوريا ايندڙ ٽه ڌري سربراهه اجلاس جي سربراهي سنڀالڻ وار?? آهي. واضح رهي ته ڏکڻ ڪوريا جو وزيراعظم اڄ ڪلهه ايشيائي راندين جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ چين جو ??ورو ڪري رهي?? آهي.
صدر شي جن پنگ جي چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا سربراهه اجلاس جي بحالي لاءِ حمايت
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ