اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ ??نص??ف جي ترجمان فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته هو چونڊ نتيجن جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن ۽ ماتحت عدالتن پاران پيدا ڪيل دير جو پاڻ جائزو وٺي، چونڊن کانپوءِ اقتدار جي منتقلي کي انتهائي سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان تحريڪ ??نص??ف جي ميڊيا ڊپارٽمينٽ موجب پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن پاران ڪجهه ??يمبرن بشمول تحريڪ ??نص??ف جي چيئرمين جي چونڊ نوٽيفڪيشن کي روڪڻ جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته اقتدار جي منتقلي ۾ دير سان ملڪ ۽ عوام سڌوسنئون متاثر ٿين ٿا ۽ ان سان معاشي ۽ پاليسي بابت مسئلا وڌيڪ ??کيا ٿيڻ جو امڪان آهي، اهي سڀ مسئلا سڌوسنئون ملڪ تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک