لاهور – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد نواز شريف چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قو??ي معيشت کي صحيح رخ تي گامزن ڪيو، اڄ جو پاڪستان معاشي طور تي مضبوط ۽ 2013ع کان وڌيڪ محفوظ آهي، سي پيڪ تحت بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي. گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته قو??ي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ اڄ جو پاڪستان معاشي طور تي وڌيڪ مضبوط ۽ 2013ع کان وڌيڪ محفوظ آهي. اجلاس ۾ پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه، پنجاب جي وڏي وزير م??مد شهباز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه م??مد آصف، واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، ناليوارن ڪاروباري شخصيتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
حڪومت قومي معيشت کي صحيح رخ تي گامزن ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج