سانتياگو-29 نومبر (اي پي پي)لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين خطن جي 29 ملڪن جي مجموعي آبادي 2024ع ۾ 66 ڪروڙ 30 لک تائين پهچي وئي ج??ڪا 2000ع ۾ ل??اي?? اندازن کان 3.8 سيڪڙو گهٽ آهي. اها ڳالهه چلي ۾ قائم گڏيل قومن جي لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين بابت اڪنامڪ ڪميشن طرفان جاري رپورٽ ۾ چئي وئي. پرڏيهي خ??بر?? اداري موجب گڏيل قومن جي اداري ج?? ايگزيڪيٽو سيڪريٽري ج??ز مينوئل سالزار زيريناڪس طرفان رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو ويو ته هلندڙ صدي ج?? شروعات ۾ انهن خطي ج?? پيدائش جي شرح ۾ اميد کان وڌيڪ تيزي سان گهٽتائي ٿي ۽ ڪووڊ -19 جي وبائي بيماري ۽ لڏپلاڻ به ان رجحان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته سندن ادارو آبادي ج?? صحت کي هٿي ڏيڻ ۽ گهٽ آمدني وارن گرو??ن، صحت جي سارسنڀال ۽ سماجي تحفظ جي نظام تائين سڀني کي پهچ کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪري ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2000ع ۾ ماهرن اندازو ل??اي?? هو ته 2024ع تائين خطي ج?? آبادي 68 ڪروڙ 90 لک تائين پهچي ويندي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن ملڪن ۾ 2000ع ۽ 2023ع جي وچ ۾ رڪارڊ ڪيل موت جي شرح اندازن کان وڌيڪ رهي ج??ڪا ڄاڻايل خطي ۾ آبادي ج?? گهٽتائي ج?? سبب به ٿي سگهي ٿي.
لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين خطن جي 29 ملڪن جي مجموعي آبادي 66 ڪروڙ 30 لک ٿي وئي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر