ممبئي _12 نومبر (اي پي پي ) م??بئ پوليس ڀارتي اداڪار شاهه رخ خان کي قتل جي ڌمڪي ڏيندڙ جوابدار کي ڇتيس ڳڙهه جي وڪيل فيضان خان کي سندس رهائش تان گرفتار ڪري ورتو آهي. فيضان خان شاهه رخ خان کان 50 لک روپيا ڀنگ جو مطالبو ڪيو هو. انڊيا ٽو ڊي مطابق ڌمڪي آميز پيغام گذريل هفتي باندره پوليس اسٽيشن کي مليا هئا جنهن بعد ڀتو وٺڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جاچ دوران پوليس کي پتو پي?? ته اداڪار شاهه رخ خان کي ڌمڪي جي ڪال فيضان خان نالي تي رجسٽرڊ ??ون نمبر تان ڪئي وئي هئي جنهن بعد ممبئي پوليس جي هڪ ٽيم رائيپور جو دورو ڪيو ۽ ف??ضان خان کي پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪري ورتو .پر فيضان پوليس کي ٻڌايو ته هن جو ??ون 2 نومبر تي گم ٿي ويو هو ۽ هن شڪايت داخل ڪرائي هئي.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس