غزه – 14 مارچ (اي پي پي) غزه جي ڏکڻ واري علائقي رفح ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي غذائي امداد جي فراهمي واري مرڪز تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ عملي جو هڪ ڪارڪن مارجي ۽ 22 ٻيا زخمي ٿي پيا. بي بي سي مطابق يو اين آر ڊبليو اي جي سربراهه فلپ لازاريني چيو آهي ته ??داري جي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملا معمول بڻجي چڪا آهن هن چيو ته ??هي حملا بين الاقوامي انساني قانون جي ڀڃڪڙي آهن. غزه ۾ صحت وا??ي وزا??ت جي اختيارين چيو آهي ته يو اين آر ڊبليو اي جي مرڪز تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا. يو اين آر ڊبليو اي جي ترجمان جوليٽ ٽوما ٻڌايو ته ??يال ڪيو پيو وڃي ته 60 ماڻهو ان مرڪز ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، جيڪو خوراڪ ۽ ٻئي ضروري سامان جي گودام طور پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ