اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پي آءِ اي سي ايل جي ڪمرشل با??وئنگ گارنٽي جي حد وڌائڻ ۽ ڪڻڪ جي گهٽ ۾ گهٽ امدادي ق??مت 1300 رپيا في مڻ جي سطح تي برقرار رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ٿيو. اي سي سي پي آءِ اي سي ايل جي ڪمرشل با??وئنگ گارنٽي جي حد 13.585 ارب رپين تائين وڌائڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. شهيدن جي خاندانن کي رليف جي فراهمي لاءِ اي سي سي ??نڪ?? ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪنڊ شيڊيول جي شق (6) پارٽي III ۽ شق (36A) پارٽ فور ۾ ”اينڊ شهيد فيملي ويلفيئر اڪائونٽ“ جا لفظ شامل ڪرڻ با??ت تجويز جي پڻ منظوري ڏني. اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪڻڪ جي فصل لاءِ سال 18 – 2017ع جي گهٽ ۾ گهٽ امدادي ق??مت گذريل سال جي سطح تي برقرار رکڻ جي منظوري ڏني جيڪا 1300 رپيا في مڻ آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن