لنڊن – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قومي ادارن ۾ ڪنهن قسم جو ڪو ٽڪراءُ نه آهي، سازشي نظرين تي يقين نه ٿو رکان ۽ نه ئي ملڪ ۾ اهڙي قسم جي ڪا گنجائش آهي. هيٿرو ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چي?? ته ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جو تاثر رڳو اخبارن ۽ ٽي وي چينلز تي ئي نظر اچي ٿو. هن چي?? ته سياسي ۽ فوجي قيادت آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري ريڪس ٽلرسن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تازي مل??قات ۾ گڏ ويٺل هئي ۽ ملڪ جا سمورا ادارا قومي ترقي ۾ مجموعي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ميڊيا کي ٻڌاي?? ته هي سندس نجي دورو آهي ۽ ان تي قومي ناڻي جو ڪو به پئسو خرچ نه ٿيندو. هن چي?? ته هو سومر جي رات پاڪستان واپس پهچي ويندو.
مضمون کا ماخذ : راکی