اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين وائيس ايڊمرل ظفر محمود عباسي کي ايڊمرل جي رينڪ تي ترقي ڏئي پاڪ بحريه جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وائيس ايڊمرل ظفر محمود عباسي 7 آڪٽوبر 2017ع تي رٽائر ٿيندڙ پاڪ بحريه جي سربرا??ه ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله کان پاڪ بحريه جي ڪمانڊ سنڀاليندو. ڪمانڊ جي تبديلي جي تقريب پي اين ايس ظفر اسلام آباد ۾ م??عقد ٿ??ندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج