اس??ام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) ??اڻ?? واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته موجوده حڪومت جي پاليسين ڏيوالپڻو ٿيندڙ معيشت ۾ نئين جان وجهي ڇڏ?? آهي، سياسي مخالف اقتصادي ڪارڪردگي سبب شڪست کان ڊنل آهن، مخالفن کان ملڪي ترقي هضم نه پئي ٿئي. اس??ام آباد ۾ ايف پي سي سي آءِ ڪيپيٽل هائوس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ ان وقت جي حڪمرانن غلط فيصلا ڪيا جن سان معيشت کي هڪ سئو ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو پر اسان ڏيوالو ٿيندڙ معيشت کي نئين جان ڏئي ڇڏ?? آهي. 2013ع ۾ مرڪزي بئنڪ وٽ ٽي ارب ڊالر جي مٽاسٽا جي ??اڻ?? جا ذخيرا هئا جڏهن ته هاڻي سمورين بئنڪن جا مجموعي ذخيرا 24.5 ا??ب ڊالر آهن جيڪي 6 مهينن جي درآمدي بل جي ادائيگي جي لاءِ ڪافي آهن. عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جو اندازو هو ته پاڪستان ۾ مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ 5 سال لڳندا پر اهو هدف ٽن سالن ۾ حاصل ڪيو ويو آهي.
حڪومت جي پاليسين معيشت ۾ جان وجهي ڇڏي آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل