گڏيل قومون-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ دھشتگرد ??ملي جي مذمت ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل ھڪ پريس بيان جاري ڪيو آهي جنھن ۾ پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ چيني انجنيئرن تي ٿيل دھشتگرد ??ملي جي شديد مذمت ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه چيني ۽ ٻيا پاڪستاني شھري فوت ٿي ويا هئا ۽ حملي ۾ چيني ۽ پاڪستاني شھري زخمي پڻ ٿيا هئا. بيان ۾ چيو ويو ھو ته سل??متي ڪائونسل جي ميمبرن ڪراچي ۾ بزدلاڻي دھشتگرد ??ملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه جو ورجاءُ ڪيو ته دھشتگردي ڪنهن به شڪل ۾ عالمي امن ۽ سل??متي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آھي. ھن دھشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث ماڻ??ن، منتظمين، مالي مدد- ڪندڙن ۽ سھولت ڪارن جو احتساب ڪرڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ تي زور ڀريو. هنن سمورين رياستن تي زور ڀريو ته اهي عالمي قانون ۽ سل??متي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺھرائن تحت پنھنجي ذميوارين مطابق ان سل??لي ۾ چين ۽ پاڪستان جي حڪومتن سان گڏو گڏ ٻين سمورن لاڳاپيل اختيارين سان سھڪار ڪن. بيان ۾ چيو ويو آھي ته سل??متي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه جو ورجاءُ ڪيو ته دھشتگردي جي ڪارروائي هر صورت ۾ ڪابل قبول ناهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ دھشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha