رياض- 21 فيبروري (ا?? پي پي) سعودي عرب غزه پٽي ۽ ڀرپاسي ۾ فوري طور تي جنگبندي جي مط??لبي واري ٺهراءَ جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايس پي اي مط??بق سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ??يل بيان ۾ چيو وي آهي ته عوامي جمهوريه الجزائر طرفان سلامتي ڪائونسل ۾ غزه پٽي تي فوري جنگبندي جو مط??لبو ڪيو هو. پرڏيهي وزارت پاران جاري ??يل بيان ۾ ان ڳالهه تي زو?? ڀريو ويو ته سلامتي ڪائونسل ۾ پهرين کان وڌيڪ سڌارن جي ضرورت آهي ته جئين عالمي سطح تي حقيقي معنيٰ ۾ امن ۽ سلامتي جي قيام جو رستو سڌو ٿي سگهي جنهن لاءِ ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. مملڪت غزه پٽي ۽ ان جي ويجهن علائقن ۾ بگڙجندڙ صورتحال ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجندڙ عسڪري ??ارروائين ۾ اضافي کان به خبردار ڪيو جنهن جي ڪري فلسطين مسئلي جي پر امن حل جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن.
غزه ۾ جنگ بندي جي قرار داد کي ويٽو ڪرڻ تي سعودي عرب پاران ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز