بوڪوس-26 ڊسمبر (اي پي پي) نائجيريا جي سينٽرل علائق?? ۾ ??يترن ئي ??وٺ?? تي هٿياربندن جي حملن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڄڻا مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي اختيارين ٻُڌايو آهي ته هٿياربندن نائجيريا جي مرڪزي علائقي ۾ ڪيترن ئي ??وٺ?? تي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڄڻا مارجي ويا آهن. پليٽيو اسٽيٽ جي گادي واري هنڌ بوڪوس ۾ مقامي حڪومت جي سربراهه پير ڪاسا 160 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن ٻُڌايو ته هٿياربندن مختلف برادرين جي گهرن تي حملا ڪيا ۽ سندن گهرن کي با??يون ڏنيون. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته حملن ۾ 300 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿيا آهن. واضح رهي ته ??اڻ??يل علائقن ۾ ترسيل مسلمان ۽ عيسائي آباديءَ ۾ نسلي ۽ مذهبي تڪرار هلي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں