بيجنگ -29 مارچ (اي پ?? پي) چين چيو آهي، ته هو چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پ??ڪ) جي اعليٰ معيار جي تر??ي ۽ جٽادار سماجي اقتصادي تر??ي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. بيجنگ ۾ معمول واري بريفنگ ۾ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي، ته سي پ??ڪ تي تيزي سان اڳڀرائي جاري آهي ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار جا بهتر نتيجا سامهون ايندا، جنهن سان پاڪستان ۾ توانائي جي ڍانچي ۽ توانائي جي سيڪيورٽي جي بهتري ۾ مدد ملندي. ترجمان ٿرڪول بلاڪ ون بابت پاڪستان جي وزيراعظم جي ان بيان جي واکاڻ ڪئي جنهن ۾ هن چيو هو ته هي منصوبو واريءَ جي ڀٽن کي توانائي جي ذريعن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ان منصوبي سان سڄي ملڪ کي بجلي جي فراهمي ملندي. ان سان ملڪي معيشت کي تر??ي ملندي ۽ ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا.
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا