نيويارڪ _ 6 جون (اي پي پي ) پاڪستان ، ترڪيه ۽ انڊونيشيا وڌندڙ اسلاموفو??يا کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو آهي. مسلمانن سان نفرت جي وڌندڙ لهر تي پاڪستان، ترڪيه ۽ انڊونيشيا جي سينيئر سفارتڪارن اسلاموفو??يا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومتن جي گڏيل عزم جو ورجاءِ ڪندي امن ، رواداري ۽ بين المذهب مڪالمي ج?? به وڪالت ڪئي . هو نيو يارڪ ۾ ترڪي ??ي قونصليٽ جنرل ۾ ٽنهي اسلامي ملڪن ??ي قونصل جنرلز جي گڏيل ميزباني ۾ منعقد تقريب سان خطاب ڪري رهيا هئا . پاڪستان ??ي قونصل جنرل عامر احمد اتوزائي پنهنجي خطاب ۾ اسلام جي بنيادي اصولن ، شائستگي، صبر، همدردي ۽ برداشت تي زور ڏنو . هن انتها پسندن جي هڪ اقليت طرفان اسلام جي غلط تشريح ۽ 11/9 جي واقعي بعد اسلاموفو??يا جي ڳڻتي جوڳي اضافي کي اجاگر ڪيو . جنهن ۾ مسلمانن خلاف نفرت انگيز تقريرون، تشدد ۽ ادارن پاران نا مناسب سلوڪ شامل آهي . پاڪستاني سفارتڪار اسلامو فو??يا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن بابت گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي ??ي قراردادن جي تازي منظوري ۾ ترڪيه ۽ انڊونيشيا سان پاڪستان جي فعال ڪردار تي به زور ڀريو، جنهن ۾ اسلامو فو??يا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي ج?? مقرري ج?? مطالبو پڻ شامل آهي. پاڪستاني قونصل جنرل غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي ??ي قدمن کي عالمي اسلامو فو??يا جي هڪ واضح عڪاسي قرار ڏيندي مذمت ڪئي ج??هن سڄي دنيا ۾ مروج اسلامو فوبڪ واقعن تي روشني وڌي ج??هن ۾ نفرت انگيز تقريرون، ٽارگيٽ حملن ۽ مسلمانن جي خلاف اڻبرابري ج?? سلوڪ شامل آهن. هن ڀارت ۾ مذهبي هنڌن جي منظم تباهي ۽ ان ملڪ اندر ٻين اسلامو فوبڪ ڪاررواين ڏانهن ڌيان ڇڪرايو. ان کانسواءِ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت قابض فوج جي وڏي انگ ۾ موجودگي سان گڏوگڏ اڻبرابري وارين پاليسين طرف به اشارو ڪيو جنهن جو مقصد آبادياتي انجنيئرنگ ذ??يع?? خطي ج?? آبادي ج?? بيهڪ کي مسلم اڪثريت کان هندو اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ترڪيه جي پروفيسر ڊاڪٽر اينيس بيرڪلي ۽ انڊونيشيا جي ڊاڪٽر امام شمس علي به اسلامو فو??يا ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عملن جو جائزو ورتو ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تجويز ڪئي. مقررن اسلامو فو??يا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار سان گڏوگڏ ڪميونٽي شموليت جي اهم ڪردار تي زور ڀريو.
پاڪستان ، ترڪيه ۽ انڊونيشيا پاران وڌندڙ اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب