واشنگٽن -17 اپريل (اي پي پي) آمريڪي ايوان ايران تي پا??ندين جي قانون کي اڻڄاڻايل مدي تائين برقرار رکڻ جي حمايت ڪئي آهي. ميڊيا مطابق آمريڪي ايوان ان قانون جي حمايت ڪئي جنهن تحت آمريڪي صدر ايراني معيشت خلاف اڻڄاڻايل مدي لاءِ سخت پا??نديون لاڳو ڪري رکيون آهن. بل جي حمايت 407 قانون سازن ڪئي جڏهن ته 16 مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. هاڻي ان بل ري سينيٽ کي نظرثاني ڪرڻي پوندي. مئي 2023 ۾ پيش ڪيل اهو بل 1996 جي ايران پا??ندين جي ايڪٽ جي مدي کي اڻڄاڻايل قرار ڏنو. جيڪو 2026ع ۾ ختم ٿي رهيو آهي. آءِ ايس اي، جنهن ۾ ڪانگريس ذريعي بار بار توسيع ڪرڻي ٿي پوي، آمريڪي ايگ??يڪ??وٽو پاور کي ايران جي ايٽمي هٿيارن جي تياري کي روڪڻ لاءِ توانائي جي شعبي تي پا??نديون لڳائڻ جي اجازت ڏئي ٿو. وقت گذرڻ سان گڏ صدارتي اختيارن ۾ توسيع ڪئي وئي ۽ هاڻي ان ۾ ايراني صنعت جي ٻين شعبن تي پا??نديون لاڳو ڪرڻ جي صلاحيت به شامل آهي. ڪانگريس ان کان پهرين به ڪيترائي ڀيرا ان ايڪٽ جي ٽائيم فريم کي ڊيگهه ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. پر ??هي ڪوششون ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن مان گذرڻ ۾ ناڪام رهيون.
آمريڪي ايوان جي ايران تي پابندين واري قانون کي اڻڄاڻايل مدي تائين برقرار رکڻ جي حمايت
مضمون کا ماخذ : loteria estadual