قاهره-19 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر غزه ۾ اسرائيلي بمباري کان متاثر فلسطينين لاءِ امداد کڻي ويندڙ 20 ٽرڪن کي رفح ڪراسنگ کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب مصر جي صدارتي ترجمان احمد فهمي پنهنجي بيان ۾ چي?? آهي ته مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن رفح ٽرمينل ذريعي غزه جي پٽي ۾ انساني امداد جي پائيدار فراهمي تي اتفاق ڪي?? آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن ان کان اڳ غزه ڪراسنگ کولڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻي مصر ان جي تصديق ڪئي آهي ته غزه جي پٽي تائين انساني امداد رفح ڪراسنگ ذريعي گذريندي. ٻنهي اڳواڻن ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ هڪ بيان ۾ ??يو ويو هو ته هي امداد ٻنهي ملڪن جي لا??پايل عملدارن آمريڪا جي نگرا??ي هيٺ عالمي انساني حقن جي گروپن سان تعاون سان فراهم ڪندا. آمريڪي صدر جوبائينڊن رستن جي مرمت جو حوالو ڏيندي چي?? آهي ته امداد جي کيپ کڻي ويندڙ ٽرڪ ممڪن طور اڄ تائي?? سرحد پار نه ڪري سگهندا، هن ٻڌايو ته هن وقت رفح ڪراسنگ کان غزه ويندڙ رستن جي مرمت ڪئي پئي وڃي ۽ ان تي بمباري سبب وڏا کڏا پئجي ويا آهن جيڪي ڀريا پيا وڃن ۽ شايد اڄ جمعي تائين هن روڊ کي سفر جي قابل بڻائي سگهجي.
مصر رفح ڪراسنگ کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، 20 ٽرڪ امدادي سامان جي کيپ کڻي اڄ جمعي تي غزه پهچندا
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha