رياض -11 آڪٽوبر (اي پي پي) س??ود?? عرب غزه جي صورتحال تي اسلامي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وز??رن جو اجلاس فوري طور تي طلب ڪيو آهي. س??ود?? خابرو اداري مطابق او آءِ سي جي پرڏيهي وز??رن ج?? اجلاس ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ عسڪري ڪارروائين ۽ وڌندر ڇڪتاڻ جو جائزو ورتو ويندو، جيڪا خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطري جو سبب بڻجي رهي آهي. س??ود?? عرب اهو اجلاس اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موجوده سيشن جي سربراهه ۽ او آءِ سي ورڪنگ ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان طلب ڪيو آهي. ان کان علاوه او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ غزه ۾ اسرائيل جي فوج جي جارحيت جي مذمت جو ورجاءُ ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي چڪا آهن جنهن ۾ وڏو انگ معصوم ٻارن، عورتن ۽ صحافين جو پڻ آهي. او آءِ سي اسرائيل کي عالمي ٺهرائن کي نظرانداز ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو آهي. او آءِ سي سي عالمي برادري خاص طور گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي اپيل ڪئي آهي ته هو اسرائيلي جارحيت بند ڪرائڻ، فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ اسرائيل جو ظالم??ڻو قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ٺوس ڪردار ادا ڪري ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ۽ اوڀر القدس کي ان جو گادي وارو شهر بڻائڻ جي سلسلي ۾ قدم کنيا وڃن. او آءِ سي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي، ته اها عرب امن فارمولي ۽ عالمي ٺهرائن مطابق ٻه رياستي حل جي تصور جي بنياد تي جامع ۽ منصف??ڻو امن قائم ڪرائي.
غزه صورتحال تي سعودي عرب او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس طلب ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری