ليلونگو – 21 مارچ(اي پي پي) ڏکڻ اوڀر ??فر??قي ملڪ ملاوي ۾ سامونڊي طوفان فريڊي سبب فوتگين جو انگ وڌي 499 ٿي ويو آهي. پرڏيهي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ملاوي ڊفينس فورس، ملاوي پوليس سروس ۽ ب??طا??يه طرفان تنزانيه ۽ زامبيا سميت پاريسي ملڪن جي سهڪار سان ريسڪيو اينڊ سرچ آپريشن جي ڪارروائيون جاري آهن، طوفان سبب هاڻي تائين 499 ڄڻا فوت ۽ 5 لک 8 هزار 244 بي گهر ٿي چڪا آهن. ڊيزاسٽر??ين??منٽ معاملن واري کاتي جي ڪمشنر چارلس ڪاليمبا چيو ته بي گهر ماڻهن لاءِ ڪ??مپ قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد ڪئمپن جو مجموعي انگ 427 ٿي ويو آهي. ڏکڻ ??فر??قي ترقياتي ڪميونٽي ملاوي لاءِ 3 لک ڊالر جي امداد جي منظوري ڏني آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر