اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آذربا??يج??ن جي صدرن کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالاضحيٰ جو?? مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي کي عيدالاضحيٰ جو?? مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم ايران جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي عيد جي جوابي مبارڪ ڏني ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ به طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ تي ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو. ايران جي صدر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جو?? مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم شهباز شريف آذربا??يج??ن جي صدر الهام عليوف کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جو?? مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آذربا??يج??ن جي عوام ۽ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. صدر الهام عليوف پڻ خيرسگالي جي جوابي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي آذربا??يج??ن جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻه طرفي سهڪار جي عمل کي تيز بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم آّذربا??يج??ن سان ايل اين جي فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ جي اميد جو پڻ اظهار ڪيو. صدر الهام عليوف ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جو?? مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهبازشريف جو ٿورو مڃيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون، عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ