اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ا??تصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته روانگي واپار ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري وڌائي پاڪستان معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊينمارڪ ۽ روانڊا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ا??تصادي ۽ واپاري سفارتڪاري تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر سان ڊينمارڪ ۾ پاڪستان جي نامزد سفير شعيب سرور ملاقات ڪئي. صدر چيو ته نامزد سفير ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ا??تصادي سفارتڪاري تي ڌيان ڏين. صدر چيو ته ڊيري ۽ زراعت جي شعبن ۾ ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي سگهجي ٿي، انفارميشن ٽيڪنالاجي به تعاون وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم شعبو آهي. هن چيو ته نامزد سفير ڊينمارڪ جي هوائي توانائي جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ دعوت ڏي، نامزد سف??ر قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر اميد ظاهر ڪئي ته وزارتي سطح تي تازي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان روانڊا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر نعيم الله خان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان روانڊا سان لاڳاپن کي تمام گه??ي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن. صدر چيو ته زراعت، خوراڪ جي تحفظ ۽ انساني وسيلن جي شعبي ۾ تعاون جا وسيع امڪان آهن، نامزد سفير درآمد ڪندڙن ۽ برآمد ڪندڙن کي مدد فراهم ڪري لاڳاپا وڌيڪ بهتر ??ڻا??ي. صدر چيو ته نامزد سفير روانڊا جي واپارين کي پاڪستاني مارڪيٽ تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ ا??هن سان رابطو ڪري. صدر ٻنهي سفيرن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ انساني حقن جون خلاف ورزيون اجاگر ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
روانگي واپار ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري وڌائي پاڪستان معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات