اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ترقياتي بجيٽ ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1150 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته صوبن جي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 1559 ارب رپيا آهي. اهڙيءَ طرح قومي سطح تي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 2709 ??رب رپيا هوندو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ۾ چيو آهي ته ترقياتي بجيٽ ذري??ي معيشت جي استعداد ڪار ۾ واڌ، بهتر انفراسٽرڪچر جي فراهمي، افرادي ترقي، ريجنل ايڪويٽي ۽ انويسٽمينٽ ۾ واڌ جهڙا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1150 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته صوبن جي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 1559 ارب رپيا آهي. اهڙيءَ طرح قومي سطح تي ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 2709 ??رب رپيا هوندو. هي رقم جي ڊي پي جو صرف 2.6 سيڪڙو ??هي. مسلم ليگ (ن) پنهنجي گذريل حڪومتي دؤر ۾ ترقياتي خرچن جو ڳاڻيٽو جي ڊي پي جي تقريبن 5 سيڪڙو ??ائين پهچائي ڇڏيو هو. گذريل 4 سالن جي تباهي ۽ برباديءَ سبب ??رقياتي وسيلا اڌ رهجي ويا آهن. ٻي طرف ملڪ جي ترقياتي ضرورتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي چڪو آهي. هي صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته ترقياتي خرچ ملڪ جي اهم ترين ترجيحن تي خرچ ڪيا وڃن.
ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 1150 ارب رپيا رکيا ويا آهن: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2