اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مخ??لف علائقن ۾ جلاءُ، گهيراءُ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته باهه لڳائيندڙ ملڪ جا محسن نه ٿا ٿي سگهن، سرڪاري ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ملڪ جا دوست نه ٿا ٿي سگهن، فارن فنڊيڊ فتني جي ذهنيت ملڪ کي ورڇ ڪري ڇڏيو آهي، فارن فنڊيڊ فتني جي انتشار، شدت پسندي ۽ ورڇ تي ٻڌل سياست ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائ?? رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سوال ڪيو ته اڃا تائين پنجاب حڪومت لانگ مارچ واقعي جي ايف آءِ آر ڇو ناهي داخل ڪئي؟ هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو سرڪاري اسپتال مان رپورٽ ن?? لکرائ?? رهيو آهي جيڪو قانون آهي. هو پنهنجي ميڊيڪو ليگل جي قانوني ضابطن کي پورو نه ڪر?? رهيو آهي. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو چونڊون نه گهرو وي??هه چاهي ٿو جنهن جو مظاهرو هر ڏينهن چاهي ٿو. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو پاڪستان جو نالو فيٽف مان نڪرڻ جي خلاف جنگ ڪر?? رهيو آهي، فارن فنڊيڊ فتني جي جنگ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي خلاف آهي. هن چيو ته الحمدالله ملڪ ۾ امن امان آهي، عوام انتشار ۽ فساد جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
باهه لڳائيندڙ ملڪ جا محسن نه ٿا ٿي سگهن، سرڪاري ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ملڪ جا دوست نه ٿا ٿي سگهن: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena